Peoples Tv Pakistan

سنڌ ويمن لائيرس الائنس جي ويهڪ ۾ عورتن سان زيادتي جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي | Karachi News

سنڌ ويمن لائيرس الائنس جي ويهڪ ۾ عورتن سان زيادتي جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي

Women lawyers meeting in Karachi discussing women rights and justice issues in Sindh

سنڌ جي وڪيل عورتن ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن عورتن ۽ نابالغ نينگرين سان زنا، قتل ۽ اغوا جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

اهم مطالبا

  • زنا جي ڪيسن کي عدالتن ۾ ٻن هفتن اندر اڪلائي سخت سزائون ڏنيون وڃن.
  • سنڌ جي هر شهر ۾ عورتن لاءِ الڳ ٿاڻا قائم ڪيا وڃن.
  • متاثر عورتن جي ميڊيڪل چيڪ اپ ۾ دير نه ڪئي وڃي.
  • پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
  • عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.

اڳواڻن جا بيان

"ٺل، چوٽياريون ڊيم، ميرپورخاص ۽ جيڪب آباد ۾ پيش آيل واقعن تي سماجي خاموشي پاڻ ۾ هڪ وڏو سانحو آهي."

— شازيه نظاماڻي

سيمي ڪمال چيو: جيڪڏهن جوابدارن کي قانون مطابق سخت سزائون ملن ها ته ڪيترائي ڪيس لڙهي نه وڃن ها.

Women lawyers meeting in Karachi discussing women rights and justice issues in Sindh

"زنا جي ڪيسن کي جرڳن وسيلي نبيرڻ واري عمل جو رياست کي نوٽيس وٺڻ گهرجي."

— روبينا چانڊيو

بار ايسوسيئيشن ۽ سول سوسائٽي کي اپيل

شرڪت ڪندڙ وڪيلن چيو: بار ايسوسيئيشنز عورتن سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺن ۽ ڪورٽن ۾ عورت وڪيلن سان امتيازي رويو ختم ڪيو وڃي.


Search Description (English): Women lawyers and civil society leaders in Karachi expressed serious concern over rising rape and violence cases in Sindh, demanding speedy trials and strict punishment.

ایک تبصرہ شائع کریں

جدید تر اس سے پرانی